شيرين فرهاد جون قبرون

شيرين فرهاد جون قبرون

شيرين فرهاد جون قبرون

شيرين فرهاد جون قبرون (ماڳ): لس ٻيلي جي الهندي طرف، جائو لڪ واري رستي تي، پهاڙ ۾ هڪ وڏي سرنگ آهي. چون ٿا ته شيرين نالي هڪ عورت جي عشق ۾ هن انهيءَ هنڌ تي جبل کي کوٽيو هو. ان سان گڏ ٻه قبرون ‘شيرين فرهاد’ جي نالي سان منسوب مشهور آهن. ڀرسان ٻي قبر انهيءَ شخص جي چون ٿا، جنهن هنن تي چغلي هنئي هئي. 1888ع ۾ انهي سرنگ کي وڏو ڪري، اٺن جي بار برداريءَ لاءِ تجارتي رستو ٺاهيو ويو، جيڪو جائولڪ ذريعي، لسٻيلي ۽ ڪو لوار کي ڳنڍي ٿو. هينئر اُتي وڏي شاهراهه ٺهيل آهي. اسان وٽ اهڙا ڪيترائي آثار ۽ داستان آهن، جن جي نسبت ڪن ٻاهرين قصن يا حوالن سان ورجايا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو